الهجڙيو سمون

الهجڙيو سمون: الهه جڙيو سمون مشهور ملهه، جيڪو اصل ڳوٺ ڌڻي پرتي سمي جو ويٺل هو. هيءُ پهلوان پهرين جوڙ جي سٺن ملهن ۾ شمار ٿئي ٿو. هيءُ لاڙ طرف کان ملهه وڙهندو آهي. هن جا گهڻائي شاگرد آهن، جيڪي بهترين ملهه آهن. پاڻ مولابخش جماليءَ جو شاگرد آهي. پهرئين جوڙ ۾ هُو مشهور ملهه پهلوان شير ميربحر کي چئلينج ڪري پهتو هو، سندن مقابلو فيبروري 1968ع ۾ خيرپور جي ملاکڙي ۾ ٿيو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو